احمد خان گلزار

احمد خان گلزار :احمد خان، تخلص ’گلزار‘ ذات پليجو ويٺل ڳوٺ جنگشاهي، ضلعو ٺٽو، 17 اپريل 1927ع تي ڄائو. ٻن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. ڇهن سالن جي عمر ۾ کيس ڳوٺ جي ملا مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جا ٻه درجا پاس ڪرڻ بعد ٺٽي جي مشهور محدث ۽ جيد عالم مولوي محمد حسين ٺٽويءَ وٽ دينيات جو فارسي ڪورس مڪمل ڪيائين. اڃا زير تعليم هو ته سندس والده جو انتقال ٿي ويو. قلبي فڪر ۽ ذهني پريشانيءَ جي ڪري گلزار اڳتي پڙهي نه سگهيو ۽ تعليم ترڪ ڪري گذر سفر لاءِ ڪيتريون ئي سرڪاري خواه غير سرڪاري ملازمتون ڪيائين. 1949ع ۾ تپيداريءَ جو ڪورس پاس ڪري تپيدار ٿيو ۽ آخر تائين انهيءَ ملازمت ۾ رهيو.
شاعريءَ ۾ سندس استاد پير محمد ’پياسي‘ هو. سندس ڪلام ۾ غزل، گيت، ڪافيون، بيت، مرثيا ۽ قصا وغيره شامل آهن. 1969ع ۾ گذاري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.04.17  عيسوي

احمد خان گلزار :احمد خان ، تخلص ’ گلزار ‘ ذات پليجو ويٺل ڳوٺ جنگشاهي ، ضلعو ٺٽو ، 17 اپريل 1927ع تي ڄائو .


1969.00.00  عيسوي

احمد خان گلزار: شاعريءَ ۾ سندس استاد پير محمد ’ پياسي ‘ هو . سندس ڪلام ۾ غزل ، گيت ، ڪافيون ، بيت ، مرثيا ۽ قصا وغيره شامل آهن . 1969ع ۾ گذاري ويو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرسرام ارجن داس ڪمل
ٽکڙائي سيد ميران محمد شاھ
راهي رسول بخش
بهار ٻپڙ
انجو ماکيجا
امام الدين ضامن
خادم حسين شاهه
حاجي محمد يوسف ميمڻ
حداد حاجي محمد
دريا خان فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون